حيات بلوچ

حيات بلوچ

حيات بلوچ

حيات بلوچ: نامياري صحافي حيات بلوچ جو پورو نالو محمد حيات بلوچ ولد ميوو فقير چانڊيو آهي. هيءُ 9 جون 1939ع تي ٽنڊي آدم ويجھو ڳوٺ لاڪڙا ۾ پيدا ٿيو. هن ديني تعليم لطيفي مدرسي هالا مان ۽ پرائمري ملا اسڪول هالا مان 1950ع ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا 1961ع ۾، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان 1965ع ۾ ۽ گريجوئيشن سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان 1967ع ۾ حاصل ڪئي. هيءُ 1963ع ۾ روزاني ’عبرت‘ اخبار ۾ پروف ريڊر، 1967ع کان 1970ع تائين سب ايڊيٽر ۽ پوءِ 1990ع تائين نيوز ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ 1998ع ۾ رٽائر ٿيو، ڪجهه مهينن لاءِ روزاني بختور جو ايڊيٽر ٿيو. 2004ع ۾ عبرت آفيس ڪراچيءَ جي رپورٽنگ اسٽاف جو نگران رهيو. حيات بلوچ حيدرآباد پريس ڪلب جو مختلف وقتن تي ٽي ڀيرا جنرل سيڪريٽري، گورننگ باڊي جو ميمبر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صـدر ۽ جـنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. 1973ع ۾ ويـج بورڊ اوارڊ لاءِهلندڙ جدوجهد ۾ سرگرم رهيو. حيات بلوچ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ جنرل ضياء پاران روزنامه ’مساوات‘ تي لڳايل پابنديءَ خلاف صحافين جي هلندڙ جيل ڀريو تحريڪ ۾ سنڌ جي آرگنائيزر طور سرگرم رهيو. ان سان گڏوگڏ 2006ع کان روزاني عبرت جي ڪراچي ايڊيشن جو ايڊيٽر آهي.


لفظ حيات بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.06.09  عيسوي

امياري صحافي حيات بلوچ جو پورو نالو محمد حيات بلوچ ولد ميوو فقير چانڊيو آهي. هيءُ 9 جون 1939ع تي ٽنڊي آدم ويجھو ڳوٺ لاڪڙا ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال حامد
سردار قريشي
ارشاد مستوئي
رڪ سنڌي
قاضي اسد عابد
صديقي الهورايو طارق
در محمد ڪمال
حسام سومرو
اختر بلوچ 2
ابوبڪر خان مگسي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون